تاريخ سجاول

تاريخ سجاول (ڪتاب ):سجاول جي تاريخ جي باري ۾ لکيل هن ڪتاب جو مصنف مشهور ليکڪ مرحوم عزيز جعفراڻي آهي. هيءُ ڪتاب محمد بن قاسم لائبرري، سجاول، طرفان مارچ 1986ع ۾، حيدري، پرنٽـنـگ پـريــس، لــجـپـت روڊ، حيدرآباد، مان شايع ڪرائي، پڌرو ڪيو ويو. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 470 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 50 رپيا آهي.تازو هن ڪتاب جو وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو ”سجاول جي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ“ نالي سان محمد بن قاسم لائبريري، سجاول پاران 2009ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن ۾ 896 صفحا آهن ۽ ان ۾ رنگين تصويرون پڻ شامل ڪيون ويون آهن.


لفظ تاريخ سجاولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو